اسلام آباد-06 آگسٽ (اي پي پي) قومي اسيمبلي 5 آگسٽ 2019ع جي والاريل ڄمون ڪ??مي?? جي خصوصي حيثيت ختم ڪرڻ جي قدمن خلاف مذمتي قرارداد گڏيل طور تي منظور ڪري ورتي جڏهن ته ايوان مطالبو ڪيو ته ڀارت ڪ??مي??ي سياسي قيدين کي آزاد ڪري، انساني حقن جي جاري ڀڃڪڙين کي روڪي ۽ گڏيل ??ومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل ??راردادن تي سنجيدگي سان عملدرآمد ڪرائي ته جيئن ڪ??مي??ي عوام گڏيل ??ومن جي سرپرستي ۾ منصفاڻي ۽ غير جانبداراڻي ووٽنگ جي جمهوري طريقيڪار ذريعي پنهنجي مستقبل جو تعين ڪري سگهي. اڱاري ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ ڪ??مي?? ۽ گلگت بلتستان معاملن واري وفاقي وزير انجنيئر ام??ر مق??م 5 آگسٽ 2019ع جي ??ارتي قدمن خلاف ٺهراءُ ايوان ۾ پيش ڪيو، قرارداد ۾ چيو ويو ته قومي اسيمبلي ۾ پاڪستان ان ڳالهه کي اجاگر ڪري ٿو ته 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارت طرفان کنيل ??ڪطرفي قدمن کي هرسال يوم استحصال طور ملهايو ويندو آهي جيڪو ڀارتي غير قانوني قبضي هيٺ ڪ??مي?? تي پنهنجو ڏاڍ برقرار رکڻ جي ??ارتي ارادن کي ظاهر ڪري ٿو. قرارداد ۾ چيو ويو آهي ته هي ايوان خود اراديت واري حق جي منصفاڻي جدوجهد ۾ ڪ??مي?? جي مظلوم عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪري ٿو. ان ڳالهه جي ياد ڏياري ٿو ته ڄمون ڪ??مي?? تڪرار گڏيل ??ومن جي ايجنڊا تي اڃان تائين موجود پراڻي تڪرارن مان حل طلب هڪ مسئلو آهي. قرارداد ۾ چيو ويو آهي ته ان ڳالهه کي ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته ڪ??مي?? تڪرار تي گڏيل ??ومن ڪيتريون ئي قراردادون منظور ڪيون آهن، خود اراديت واري حق کي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪ??مي??ي عوام جي جدوجهد جي پختي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جو ورجاءُ ڪري ٿو ۽ ڪ??مي??ي عوام جي همت ۽ حوصلي کي زبردست خراج تحسين پيش ڪري ٿو. قرارداد ۾ چيو ويو آهي ته هي ايوان 5 آگسٽ 2019ع کان ڀارت جي هڪطرفي ۽ غير قانوني قدمن کي رد ڪرڻ جو ورجاءُ ڪري ٿو ۽ ڀارتي غير قانوني والاريل ڄمون ڪ??مي?? جي آبادياتي ڍانچي ۽ سياسي منظرنامي کي تبديل ڪرڻ جي مسلسل ڪوششن تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪري ٿو. قرارداد ۾ چيو ويو آهي ته هي ايوان ان ڳالهه تي زور ڀري ٿو ته ڀارتي آئين جي تابع ڪو به سياسي عمل ڄمون ڪ??مي?? جي عوام جي خود اراديت واري حق جي استعمال جو متبادل نٿو ٿي سگهي، جهڙي گڏيل ??ومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۾ وضاحت ڪئي وئي آهي. قرارداد ۾ لکين ڀارتي فوج جي موجودگي تي شديد ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو آهي جنهن سان ڀارتي غير قانوني والاريل ڄمون ڪ??مي?? دنيا جي سڀ کان وڌيڪ عسڪري خطن مان هڪ بڻجي ??ڪو آهي. قرارداد ۾ چيو ويو آهي ته هي ايوان والاريل ڄمون ڪ??مي?? ۾ جاري انساني حقن جي ??ڃڪڙين جي مذمت ڪري ٿو ۽ هزارين ڪ??مي??ي سياسي قيدين جي مسلسل اسيري تي ڳڻتي جو اظهار ڪري ٿو. هي ايوان اهڙي ڇوٽ جي مذمت ڪري ٿو جنهن سان ڀارتي فوج انصاف جي نفي ڪندڙ غاصباڻي قانونن تحت والاريل ڄمون ڪ??مي?? ۾ انساني حقن جون ڀڃڪڙيون جاري رکيون آهن. قرارداد ۾ چيو ويو ته آزاد ڄمون ڪ??مي?? ۽ گلگت بلتستان جي حوالي سان ڀارتي اڳواڻن جي انهن غير ذميواراڻي بيانن کي هي ايوان رد ڪري ٿو جيڪي علائقائي امن ۽ استحڪام لاءِ خطرو آهن ۽ هي ته پاڪستاني قوم ڪنهن به جارحاڻي قدمن کي ناڪام بڻائڻ جي پختي عزم جو ورجاءُ ڪري ٿي. هي ايوان مطالبو ڪري ٿو ته ڀارت ڪ??مي??ي سياسي قيدين کي آزاد ڪري، انساني حقن جي جاري خلاف ورزين کي روڪي ۽ گڏيل ??ومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل ??راردادن تي سنجيدگي سان عملدرآمد ڪرائي ته جيئن ڪ??مي??ي عوام گڏيل ??ومن جي سرپرستي ۾ منصفاڻي ۽ غير جانبداراڻي ووٽنگ جي جمهوري طريقيڪار ذريعي پنهنجي مستقبل جو تعين ڪري سگهي. اسپيڪر، قرارداد ايوان ۾ پيش ڪئي جنهن کي گڏيل طور تي منظور ڪيو ويو.
قومي اسيمبلي ۾ 5 آگسٽ 2019ع جي والاريل ڄمون ڪشمير جي خصوصي حيثيت ختم ڪرڻ جي قدمن خلاف مذمتي قرارداد گڏيل طور تي منظور
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا علاقائی