اسلام آباد-03 آڪٽوبر (اي پي پي) سپريم ڪورٽ آئين جي آرٽيڪل 63 اي بابت ڪيس جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو. ڪالهه سپريم ڪورٽ جي چي?? جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهيءَ ۾ 5 رڪني لارجر بينچ آئين جي آرٽيڪل 63 اي جي تشريح بابت نظرثاني اپيلن تي ٻُڌڻي ڪئي. ٻُڌڻيءَ دوران پي ٽي آءِ طرفان بئريسٽر علي ظفر دليل ڏنا، جڏهن ته بعد ۾ هن بينچ جي جوڙجڪ تي اعتراض واري??دي ٻُڌڻيءَ جو حصو بڻجڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، جڏهن ته پ پ طرفان فاروق ايڇ نائيڪ دليل ڏنا. چي?? جسٽس نظرثاني اپيل جو فيصلو ٻُڌائي??دي چيو ته سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي نظرثاني اپيل گڏيل طور تي منظور ڪئي وڃي ٿي، ڪيس جو تفصيلي فيصلو بعد ۾ جاري ڪيو ويندو. چي?? جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته آرٽيڪل 63 اي جي تشريح جي ڪي?? تي جسٽس مظهر علي عالم جو اختلافي ن??ٽ 30 جولاءِ تي آيو، جڏهن ته بينچ جي اڪثريت تفصيلي فيصلو 14 آڪٽوبر تي جاري ڪيو، جسٽس مظهر عالم کي پنهنجي ذميدارين جو احساس هو. جسٽس جمال خان مندو خيل ريمارڪس ڏنا ته اڪثريتي فيصلي ۾ چيو ويو ته ووٽ وِجهڻ ۽ شمار ٿيڻ ۾ فرق آهي، ڇا آئين ۾ ووٽ وِجهڻ ۽ شمار ٿيڻ جو فرق لکيل آهي؟ ايڊيشنل اٽارني جنرل عدالت کي ٻُڌايو ته آرٽيڪل 63 اي تي فيصلو تڪرارن سان ڀرپور آهي، هڪ طرف چيو ويو ووٽ بنيادي حق آهي، گڏوگڏ ئي بنيادي حق پارٽي جي هدايت تي ختم به ڪري ڇڏيو. پ پ جي وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ جو چوڻ هو ته حسبه بل ڪيس موجب ريفرن?? تي راءِ جنهن گُهري ان تي راءِ جي پاب??دي لازم آهي. چي?? جسٽس پُڇاڻو ڪيو ته جيڪڏهن صدرِ مملڪت راءِ تي عمل نه ڪري ته ڇا ان خلاف ڪارروائي ٿي سگهي ٿي؟ جنهن تي فاروق ايڇ نائيڪ چيو ته عدالت صدرِ مملڪت خلاف ڪارروائي ن??ي ڪري سگهي. فاروق ايڇ نائيڪ انڪاري ميمبر بابت پي ٽي آءِ جي عائشه گلالئي ڪيس جو حوالو ڏنو. وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ چيو ته 63 اي ڪيس ۾ اقليتي ججن جو فيصلو پهرين جاري ٿيو. سپريم ڪورٽ آرٽيڪل 63 اي نظرثاني ڪيس جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏي??دي گڏيل طور تي نظرثاني درخواستون منظور ڪري ورتيون.
سپريم ڪورٽ پاران آئين جي آرٽيڪل 63 اي بابت ڪيس جو فيصلو ڪالعدم قرار
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈز کی جیت