اسلام آباد – 08 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف فلسط??ن جي لاءِ امدادي پروگرام جي حڪمت عملي ٽن ڏينهن ۾ جوڙڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته صيهوني فوج جي عتاب هيٺ فلسطيني ڀائرن جي مدد جي لاءِ اسان کي بحيثيت قوم متحرڪ ٿيڻو پوندو، حڪومت لبنان ۾ ڦاٿل 71 پاڪستاني شهرين کي دمشق ذريعي وطن واپس آڻي رهي آهي. وزيراعظم آفيس ج?? پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ غزه ۽ فلسطين ۾ پاڪستان پاران امدادي سامان موڪلڻ جي اڳڀرائي جي حوالي سان اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ بريفنگ دوران وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته آڪٽوبر 2023ع کان هي??تائين پاڪستان پاران 1810 ٽن تي ٻڌل دوائن، غذائي سامان، ملبوسات ۽ ٻين امدادي ش??ن جون 10 کيپ فلسطين موڪليون ويون آهن، وڌيڪ پاڪستاني شهرين کي جنگ سٽيل علائقن مان وطن واپس آڻڻ جي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. وزيراعظم ٽن ڏينهن ۾ پاڪستان حڪومت پاران فلسط??ن جي لاءِ امدادي پروگرام جي حڪمت عملي جوڙڻ جي هدايت ڪئي. هن چيو ته صيهوني فوج جي عتاب هيٺ فلسطيني ڀائرن جي مدد جي لاءِ اسان کي بحيثيت قوم متحرڪ ٿيڻو پوندو، امدادي سرگرمين ۾ ملڪ جي ناليواري ا??ن جي ايوز کي شامل ڪيو وڃي، غزه سان تعلق رکندڙ وڌ کان وڌ شاگردن کي پاڪستان ۾ تعليمي سهولتون فراهم ڪيون وڃن، ان سرگرمي ۾ سرڪاري ۽ نجي شعبن سان تعلق رکندڙ تعليمي ادارن جي شرڪت يقيني بڻائي وڃي. هن چيو ته پاڪستان حڪومت لبنان ۾ ڦاٿل 71 پاڪستاني شهرين کي دمشق ذريعي وطن واپس آڻي رهي آهي.
وزيراعظم پاران فلسطين جي لاءِ امدادي پروگرام جي حڪمت عملي ٽن ڏينهن ۾ جوڙڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : پاور بال انعامات