اسلام آباد -29 سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو آه??، ته پاڪستان وچ اوڀر ۾ اسرائيل جي وڌندڙ مهم جوئي جي شديد مذمت ڪري ٿو، شهري آبادين تي اسرائيل جي بي لگام حملن ۽ عالمي قانونن جي پائمالي ڳڻتي جوڳي حد تائين پهچي وئي آه??. پرڏيهي آفيس جي ترجمان جاري پڌرائي ۾ چيو آه??، ته گذريل ڪيترن ڏين??ن کان اسرائيلي فوج لبنان جي خودمختياري جي ناقابل قبول ڀڃڪڙي، شهري آبادي جي مرڪزن کي مسلسل نشانو بنائڻ، ان جي استحڪام ۽ سلامتي کي نقصان پهچائڻ ۾ مصروف آه??. پاڪستان اسرائيل جي جارحيت سبب متاث??ن جي خاندانن ۽ لبنان جي عوام سان تعزيت جو اظهار ??ري ٿو هن چيو ته لبنان ۾ حزب الله جي سيڪريٽري جنرل کي قتل ڪرڻ جو گذريل ڏينهن اسرائيل جو غير محتاط عمل پهرين کان ئي عدم استحڪام جي شڪار خطي ۾ هڪ وڏو اضافو آه??. ترجمان چيو ته پاڪستان لبنان جي عوام سان يڪجهتي ڪري ٿو. پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل تي زور ڀريو آه?? ته اسرائيل کي خطي ۾ ان مهم جوئي ۽ عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي کان روڪيو وڃي ۽ وچ اوڀر ۾ امن بحال ڪيو وڃي.
پاڪستان وچ اوڀر ۾ اسرائيل جي وڌندڙ مهم جوئي جي مذمت ڪري ٿو: پرڏيهي آفيس
مضمون کا ماخذ : prêmios lotofácil